چوب چيني

چوب چيني: چوب چيني هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي. هي اصل ۾ گاهه جي پاڙ آهي، جنهن جو رنگ گلابي، ذائقو ڪڙو ۽ تکو ٿيندو آهي. چوب چينيءَ جي پاڙ جا ٽڪرا ننڍا ۽ اڇي رنگ جا ٿيندا آهن، جن کي ڀڃڻ سان اندران گلابي رنگ ظاهر ٿيندو آهي. هن وکر جا ٻه ٽي قسم آهن. طبي لحاظ کان دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. معدي ۽ جگر کي قوت ڏئي ٿو. پيشاب جاري ڪري، ماليخوليا، خفقان، سنڌن جي سور، عرق النساءِ، ٻرهل، جلندر، مٿي جي سور، دماغ، سيني، ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ ۾ ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي. چوب چينيءَ کي عربيءَ ۾ ’خشب الصيني‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’بيخ چيني‘ سڏيندا آهن.


لفظ چوب چينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو